انتظار قتل ڪيس: سنڌهاءِ ڪورٽ جوابدارن جي اپيل تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي :نتظار قتل ڪيس ۾ سنڌهاءِ ڪورٽ پوليس اهلڪارن جي اپيل تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آھي

عدالت ڪيس مان دهشتگردي جا قلم ختم ڪري ڇڏيا، 2جوابدارن دانيال ۽ بلال جي موت واري سزا عمر قيد ۾ تبديل ڪئي وئي آھي

عدالت جوابدار طارق محمود، طارق رحيم، اظهر، شاهد عثمان، غلام عباس ۽ فواد جي عمر قيد جي سزا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي آھي

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻن پوليس اهلڪارن بلال رشيد ۽ محمد دانيال کي موت جي سزا ٻڌائي هئي

اڳوڻي ايس ايڇ او طارق محمود، طارق رحيم ۽ اظهر حسن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔