برسات متاثرن تان موت ٽارو نه ڪيو، گيسٽرو ۽ مليريا وگهي 5 ٻارن سوڌو 10 ڄڻا فوت

ڪراچي : سنڌ ۾ برسات متاثرن تان موت ٽارو نه ڪيو، گيسٽرو ۽ مليريا وگهي 5 ٻارن سوڌو 10 ڄڻا فوت، علاج جون سهولتون اڻلڀ، خبر موجب قمبر ۾ٻوڏ متاثر ڳوٺ گل ڪرٽيو واسي احسان چانڊيو جي ڏيڍ سال جي نياڻي ارم چانڊيو مليريا سبب فوت ٿي وئي، نئون ڪوٽ لڳ ڳوٺ نيڪ محمد رند واسي 10 سالن جي نوابزادي رند تيز بخار وگهي فوت ٿي وئي، جڏهن ته ڳوٺ مالهو ڍاڻي واسي نينگري بانم ڌيءُ ڪانجي ڪولهي تيز بخار سبب اسپتال ۾ دم ڏنو، صدر جي ڀٽيون ويجهو ڳوٺ ڄام خان بڙديءَ ۾ نينگري گل جانان بڙدي گيسٽرو سبب حياتي وڃائي ويٺي، دولتپور صفن ويجھو ڳوٺ گل محمد ڏاھري ۾ 45 ورھين جو پورھيت عبدالرزاق ڏاھري گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويو، ٺاروشاهه ڀرسان مڃٺ واسي افتخار ملاح مليريا وگهي فوت ٿي ويو، ميھڙ جي ڳوٺ شاهه گودڙيو جو رھواسي نوجوان محمد خان چانڊيو گيسٽرو سبب فوت ٿي ويو، قصبو لڳ ڳوٺ اتيرو ۾ 40 ورھين جي مسمات زينت زال ڇٽو اتيرو  مليريا وگهي دم ڏنو، ٺل ڀرسان ڳوٺ شاهنواز بنگلاڻي ۾ پورهيت ديرو ملڪ مليريا وگهي فوت ٿي ويو، ٿاڻو بولاخان ويجهو ڳوٺ ٻاڙو شريف ۾ پيرسن محمد عيسيٰ باريجو گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو،

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔