ڪراچي واسين جي لاءِ بجلي 4 رپيا 87 پئسا سستي ٿيندي: نيپرا

ڪراچي: چيئرمين نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي کي بجلي فراھم ڪندڙ ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ کي سستي بجلي جي پيداوار جي لاءِ قدم کڻڻ جي ھدايت ڪئي آھي

ڪي اليڪٽرڪ جي آگسٽ جي فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ڪيس تي ٻڌڻي چيئرمين نيپرا توصيف ايڇ فاروقي جي صدارت ۾ ٿي

 ٻڌڻي دوران ٻڌايو ويو تھ ڪي اليڪٽرڪ في يونٽ بجلي 4 رپيا 21 پئسا سستي ڪرڻ جي درخواست ڏني آھي، جنھن تي ميمبر ڪي پي نيپرا انجنيئر مقصود انور چيو تھ ڪي اليڪٽرڪ نيشنل گرڊ مان سستي بجلي وٺندو آھي ۽ پنھجي بجلي مھانگي ٺاھي رھي آھي

 ٻڌڻي دوران نيپرا چيئرمين ھدايت ڪئي تھ ڪي اليڪٽرڪ سستي بجلي پيداوار لاءِ قدم کڻي، ڪي اليڪٽرڪ نيشنل گرڊ مان13رپيا 61پئسا في يونٽ بجلي وٺي رهيو آهي

نيپرا چيئرمين موجب ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي بجلي به 37رپيا في يونٽ کان وڌيڪ ٺاهي رهيو آهي، اهڙي نموني بجلي سستي  ڪيئن ٿيندي؟

نيپرا عملدارن چيو تھ آگسٽ جي فيول چارجز ايڊجسمٽنٽ ۾ ڪي اليڪٽرڪ صارفين جي لاءِ بجلي 4 رپيا 87 پئسا في يونٽ سستي ٿيندي، جڏھن تھ چيئرمين نيپرا چيو تھ اسان ڪراچي جي صارفين جي لاءِ مسئلا ٻڌڻ جي لاءِ کليل ڪچھري ڪنداسين

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔