ڀارتي رڪشا ڊرائيور راتون رات ڪروڙ پتي ٿي ويو

نئين دهلي:هڪ رڪشي واري لاءِ ڇنڇر جو ڏينهن وڏو خوش قسمت ثابت ٿيو. ڇنڇر جي شام هن جيڪا لاٽري جي ٽڪيٽ خريد ڪئي آچر تي ان جا 25 ڪروڙ رپيا نڪتا

ڪيرالا رياست جي رهواسي 30 سالن جي نوجوان جو نالو انوپ آهي، رڪشا هلائي ٿو. ڇنڇر تي انوپ پنهنجي پٽ جي لاءِ لاٽري ٽڪيٽ خريد ڪئي ۽ خوش قسمتي سان ٻئي ڏينهن هن جي ٽڪيٽ نمبر TJ750605 تي 25 ڪروڙ هندستاني روپيا انعام نڪتو

هي انعام ڪيرالا جي رياست ۾ ڪنهن به لاٽري ۾ اڄ تائين جو سڀ کان وڏو انعام آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔