ڪراچي واسين لاءِ لاڳيتو بجلي مهانگي ٿيڻ بعد رليف ملڻ جا امڪان آهن
ڪي اليڪٽرڪ هڪ مهيني لاءِ بجلي سستي ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي، نيپرا ڏانهن اُماڻيل درخواست بجلي 4 روپيا 21 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي
بجلي سستي ٿيڻ سان ڪراچي واسين کي 7 ارب 21 ڪروڙ رُپين جو رليف ملندو، نيپرا طرفان 29 سيپٽمبر تي ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ويندي