سيوهڻ جي ڪيمپن ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرن لاءِ آر او پلانٽ کي فعال بڻائڻ جو حڪم

حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ سيوهڻ جي رليف ڪيمپن ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرن لاءِ آر او پلانٽ کي فعال بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي

عدالت ۾ ٻڌڻي دوران اي ڊي سي ڄامشورو سميت ٻيا لاڳاپيل عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا

وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته صحت کاتي پاران ڄامشورو ۾ قائم ٽينٽ سٽي ۾ ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي

درخواستگذار وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سيوهڻ جي رليف ڪيمپن ۾ ترسيل متاثرن جو بهتر نموني علاج نه پيو ٿئي

سيوهڻ سميت ٻين علائقن ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر اڃا تائين بجلي کان محروم بڻيل آهن، کين زندگي جون ٻيون سهولتون به ناهن ڏنيون ويون

عدالت رليف ڪيمپن ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرن لاءِ آر او پلانٽ کي فعال بڻائڻ جو حڪم ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته اسان پاڻ دورو ڪنداسين

عدالت جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ ، متاثرن کي سهولتون نه مليون ته سخت ڪاروائي ڪئي ويندي، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد درخواست تي ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔