ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ويل ٽڪ ٽاڪر جوڙي جي گهر مان وڏي چوري

ڪراچي: پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪر جوڙي چوڌري ذوالقرنين ۽ ڪنول آفتاب جي گهر مان وڏي چوري ٿي آهي، چور گهر مان زيور۽ نقدي سميت يو پي ايس به کڻي ويا

تازو ئي چوڌري ذوالقرنين پنهنجي ويلاگ ۾ گهر جي حالت ڏيکاري هئي جنهن ۾ پوليس سندس گهر جو معائنو ڪري رهي هئي، ٽڪ ٽاڪ جوڙي ٻڌايو ته هو ٻئي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ٻن ڏينهن لاءِ خيرپور ويا هئا

هنن چيو ته جڏهن هو گهر واپس آيا ڏٺائون ته سڄو نظام درهم برهم ۽ شيون پکڙيل هيون، چوري ڪنول جا زيور به کڻي ويا ۽ مهانگا فرميومز سميوت ٻيون شيون به ٻهار ويا

ذوالقرنين جو چوڻ هو ته جڏهن اسان گهر واپس پهتاسين ته گهٽي جي چوڪيدار کان پڇيو ته رات جو اهڙو ڪجهه ناهي ٿيو مان هتي هئس، ڏينهن ۾ ضرور ٿيو هوندو، ڏينهن جي چوڪيدار کان پڇو

هن چيو ته جڏهن مان ڏينهن واري چوڪيدار کان پڇيو ته هن به ساڳيو جواب ڏنو پر پوليس وٽ شڪايت داخل ڪرائي وئي آهي ۽ هاڻي پوليس معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔