سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ظالم مهينا آهن، وڏو طوفان آڻيندا: شيخ رشيد

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ظالم مهينا آهن، اهي مهينا وڏو طوفان آڻيندا، رڳو نون ۽ شين آمهون سامهون نه ٿيندا پر پي ڊي ايم به ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندي

شيخ رشيد چيو آهي ته اهم مقرريون، تنزليون، تبديليون ۽ اهم عدالتي فيصلا به انهن ٻنهي مهينن ۾ ٿيندا

شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته نوازشريف جي رستي جي رنڊڪ به شهباز شريف ئي بڻجندو، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ گهڻو ڪجهه تبديل ٿيڻ وارو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔