سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ ننڍا وڏا شهر، ڳوٺ ۽ ويڙها اُجاڙي ڇڏيا

ڪراچي: سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ ننڍا وڏا شهر، ڳوٺ ۽ ويڙها اُجاڙي ڇڏيا، روڊن ۽ بندن جي ڪنارن تي ويٺل لکين متاثر نڌڻڪا بڻيل آهن

ڳڙهي خيرو ۾ شهري ٻوڏ جي صورتحال برقرار آهي، رستن، گهٽين ۽ پاڙن ۾ 5 فُٽ پاڻي بيٺل آهي، هوٽل ۽ گهر ڊهڻ جي نتيجي ۾ ٻارن سوڌو 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

بهرام ۾ وقفي وقفي سان جاري تيز برسات متاثرن جا اهنج ٻيڻا ڪري ڇڏيا، شاخن ۽ روڊن تي متاثر بي يارو مددگار ويٺل آهن

ڪنڊيارو ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ رستا بند هجڻ سبب خوراڪ سوڌو عام واهپي جون شيون کُٽي ويون، دوائن جي کوٽ سبب مريض ۽ سندن وارث پريشان آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔