دھشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي

اسلام آباد : اسلام آباد جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آھي

عمران خان جي هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي وئي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راجا جواد عمران خان جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آھي

عدالت پهرين سيپٽمبر تائين عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، عمران خان جي درخواست تي پوليس ۽ فريادي کي نوٽيسز جاري ڪيا ويا

عمران خان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو، سيڪيورٽي الرٽ ڪئي وئي، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ واري موقعي تي سيڪيورٽي الرٽ ڪئي وئي ھئي

جوڊيشل ڪمپليڪس ٻاهران پي ٽي آءِ جا ڪارڪن به وڏي انگ ۾ جمع ٿي ويا ھئا، عمران خان گذريل ڏينهن دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔