سنڌ جِي راڄڌاني ڪراچي سميت صوبي ۾ تيز برساتن تباهي مچائي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ جِي راڄڌاني ڪراچي سميت صوبي ۾ تيز برساتن تباهي مچائي ڇڏي، گڏاپ ۾ ٿڌو ڊيم ڀرسان مير خان گوندر ۾ تيز وسڪاري بعد ٻوڏ جهڙي صورتحال، بحريه ٽائون آڏو چيلهه جيڏو پاڻي بيهجي ويو، ٽريفڪ سخت متاثر ٿي رھي آھي

حيدرآباد، ڪوٽڙي، ٺٽو، عمرڪوٽ، مٺي، قمبر شهدادڪوٽ، سيوهڻ ۾ گجگوڙ سان برسات بعد رستن توڙي گهٽين ۾ پاڻي بيهجي ويو آھي

 ڪلوئي، چيلهار، ڪنڊيارو، وارهه، لعلو رائنڪ ۽ ٻين هنڌن تي برسات جاري آھي، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات بعد گوڏي جيڏو پاڻي بيھجي ويو آھي

ملير ندي ۾ پيرسن جي لڙهي وڃڻ واري وڊيو وائرل

ملير ندي ۾ پيرسن جي لڙهي وڃڻ واري وڊيو وائرل  ٿي وئي، وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پيرسن  محمد خان جوکيو ڪرڻ بعد ملير  ندي ۾ لڙهي ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔