رائل ملٽري اڪيڊمي لنڊن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه مهماني خصوصي طور شريڪ

لنڊن : رائل ملٽري اڪيڊمي جي پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه مهمانِ خصوصي طور شريڪ آهي، آرمي چيف رائل ملٽري اڪيڊمي لنڊن جو دورو ڪيو ۽ پاسنگ آئوٽ پريڊ جو معائنو ڪيو.

آرمي چيف برطانيا جي سينڊهرسٽ رائل ملٽري اڪيڊمي ۾ منعقد 213 ريگيولر ڪميشننگ ڪورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي جنرل قمر جاويد باجوا مختلف ڪيڊٽس سان به ڳالهايو ۽ سندن جذبي کي ساراهيو.

رائل ملٽري اڪيڊمي جي 213 ريگولر ڪورس ۾ 26 ملڪن جي 41 ڪيڊٽس به شرڪت ڪئي، پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول پاران شريڪ ٿيندڙن ۾ ڪيڊٽ محمد عبدالله ۽ ڪيڊٽ مجتبيٰ آهن.

جنرل قمر جاويد باجوا پاڪستان جو پهريون آرمي چيف آهي جنهن کي رائل ملٽري اڪيڊمي جي پاسنگ آئوٽ تقريب ۾ خصوصي مهمان طور شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔