پي ٽي آءِ طرفان امريڪي لابنگ فورم جون خدمتون وٺڻ جو انڪشاف

اسلام آباد: پي ٽي آءِ طرفان امريڪا ۾ لابنگ فورم جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب پي ٽي آءِ 6 مهينن لاءِ 25 هزار ڊالر ماهوار لابنگ فورم فينٽن آرلوڪ جون خدمتون حاصل ڪيون

ڪمپني آرٽيڪلز ڇپرائڻ، پي ٽي آءِ نمائندن ۽ حمايتن جي ٽي وي انٽرويوز جا بندوبست ڪندي آهي

وفاقي وزير احسن اقبال پي ٽي آءِ ۽ لابنگ ڪمپني وچ ۾ ٿيل معاهدي جا تفصيل منظر عام کڻي آيو آهي

وفاقي وزير چيو ته شرم تم ڪو مگر آتي نهين، عمران خان قوم ۾ امريڪا خلاف سازشي ٿيوري تيار ڪئي ۽ هاڻ عمران خان امريڪا کان معافي تي لهي آيو آهي

احسن اقبال چيو ته عمران خان پهريان ايلچي موڪليا ۽ پوءِ سفير کي پاڻ ايلاز ڪيا ۽ هاڻي لابسٽ رکي معافيون گهري رهيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔