آءِ جي اسلام آباد کي بني گالا تي ڇاپو نه هڻڻ جو حڪم

اسلام آباد : گهرو وزير راڻا ثناءُ الله آءِ جي اسلام آباد کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گِل جي ڊرائيور جي گرفتاري لاءِ بني گالا تي ڇاپي کان روڪي ورتو.

ذريعن موجب گهرو وزير سعودي عرب مان آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ شهباز گِل ڪيس بابت تفصيل حاصل ڪيا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو وزير آءِ جي اسلام آباد کي شهباز گِل جي ڊرائيور جي گرفتاري لاءِ بني گالا تي ڇاپي کان روڪي ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب راڻا ثناءُ الله شهباز گِل جي ڊرائيور جي گرفتاري تي آءِ جي اسلام آباد مٿان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

آءِ جي گهرو وزير سان گفتگو ۾ ٻڌايو ته ڊرائيور بني گالا ۾ آهي سندس گرفتاري لاءِ ڇاپي جي ضرورت آهي.

گهرو وزير چيو ته بني گالا واسين سان جوابدار ڊرائيور جي حوالگي بابت معاملو طئي ڪيو وڃي.

گهرو وزير حڪم ڏيندي چيو ته سهڪار نه ڪرڻ تي کيس آگاهه ڪيو وڃي ۽ بني گالا تي ڇاپي کان اڳ اجازت ورتي وڃي، شهباز گِل جو ليپ ٽاپ ۽ موبائل فون هٿ ڪرڻ لاءِ ڊرائيور کي هر صورت ۾ گرفتار ڪيو  وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته ڇاپي دوران چادر ۽ چئو ديواري جي تقدس جو مڪمل خيال ڪيو وڃي، گرفتاري ۽ ثبوت گڏ ڪرڻ دوران قانون جي مڪمل پاسداري ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔