بجلي في يونٽ 9 رپيا 90 پئسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري

وفاقي حڪومت غربت ۽ مهانگائي جي ماريل عوام مٿان ٻيهر بجلي ڪيرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، نيپرا بجلي اگهن ۾ 9 روپيا 90 پئسا واڌ جي منظوري ڏني آهي

نيپرا جون مهيني جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي اگهن ۾ واڌ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته بجلي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو رڳو آگسٽ مهيني جي بلز تي لاڳو هوندو

نيپرا موجب بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي لاڳو نه ٿيندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔