عمران اشرف جي گهرواري مڙس جو نالو ۽ تصويرون هٽائي ڇڏيون

لاهور: پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي هڪ مشهور جوڙي عمران اشرف ۽ ڪرن اشفاق ۾ عليحدگي جون خبرون هلي رهيون آهن.

اهڙيون خبرون ان وقت سامهون آيون جڏهن اداڪارا ڪرن پنهنجي مڙس عمران اشرف جو نالو انسٽاگرام اڪائونٽ تان ختم ڪيو، ڪرن جي اڪائونٽ تي هاڻي ڪرن اشفاق حسين ڊار لکيل آهي.

نالو ختم ڪرڻ کانپوءِ اداڪارا پنهنجي مڙس عمران اشرف سان گڏ شيئر ڪيل سڀ تصويرون به ڊليٽ ڪري ڇڏيون آهن.

ٻئي پاسي ڪرن اشفاق جي انسٽاگرام تي شيئر ڪيل ڏکايل اسٽوريز به انهن خبر ۾ واڌ جو سبب  بڻيون جنهن کانپوءِ ڪيترن ئي سوشل ميڊيا واهپيدارن جي اها دعويٰ آهي ته ٻنهي ڄڻن جي وچ ۾ عليحدگي ٿي چڪي آهي.

جڏهن ته ان حوالي سان ٻنهي طرفان هن وقت تائين ترديد يا تصديق ناهي ڪئي وئي.

واضح رهي ته اداڪار عمران اشرف ماڊل ڪرن اشفاق سان ٻه هزار ارڙنهن ۾ شادي ڪئي هئي ۽ هاڻي ٻنهي کي هڪ پُٽ جي اولاد به آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔