ميرپورخاص ڊسٽرڪٽ بار آفيس جي تعميراتي ڪم بعد افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي

ميرپورخاص : ميرپورخاص ڊسٽرڪٽ بار آفيس جو تعميراتي ڪم مڪمل ٿيڻ بعد افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي، تعميراتي ڪم جو افتتاح سپريم ڪورٽ جي سينيئر وڪيل ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبر وڪيل محمد يوسف لغاري ڪيو.

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبر ماما يوسف لغاري چيو ته ڊسٽرڪٽ بار جي باڊي پاران تعمير وارو ڪم ڪرائڻ ساراہ جوڳو عمل آهي، ھن چيو ته ميرپورخاص بار ملڪ ۾ جمھوريت جي بقا لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، ميرپورخاص بار کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سميت مختلف سياسي، سماجي اڳواڻن هن بار کي خطاب ڪيو آهي.

ميرپورخاص بار سان وابسته وڪيلن قانون جي بالادستي سميت مظلوم طبقن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ پاڻ ملهايو آهي، مشرف جي مارشلاءِ واري دور ۾ به جمھوريت جي بقا لاءِ ميرپورخاص ڊسٽرڪٽ بار جي جدوجھد قابلِ فخر آهي.
ھن چيو ته سڄي ملڪ جيان ميرپورخاص ۾ به لا ڪاليج جي قيام لاء ڪوشش ڪري رهيو آهيان، وڪيلن کي گھرجي ته پنھنجو ڪم مان وقت ڪڍي لا ڪاليجن ۾ شاگردن کي قانون بابت آگاهي ڏين.

تقريب کي خطاب ڪندي ميرپورخاص ڊسٽرڪٽ بار جي صدر شوڪت راھمون چيو ته اسان جو مقصد بار جي وڪيلن جي خدمت ڪرڻ آهي، ان جذبي تحت تازو 20 لک روپين جي لاڳت سان بار جو تعميراتي ڪم ڪرايو ويو آهي. جڏهن ته وڪيلن جا جيڪي جائز مسئلا آھن انھن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھيون.

افتتاحي تقريب جي اختتام تي ميرپورخاص ڊسٽرڪٽ بار جي صدر شوڪت راھمون ، جنرل سيڪريٽري محبوب ڪپري ڪهي آيل مھمانن ماما يوسف لغاري، ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ وڪيل مير نعيم ٽالپر، سنڌ بار ڪائونسل ميمبر شير محمد وساڻ، وڪيل علي حسن چانڊيو، وڪيل دوست محمد ڪولاچي، وڪيل جاويد چوڌري، سميت ٻين معززين کي سنڌ جي ثقافتي سوکڙي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا، تقريب ۾ وڪيلن وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔