ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن جي پرامن احتجاج تي حملو ڪيترائي زخمي

ڪراچي : ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگرد سٿ جي احتجاج مٿان ٻئي شاگرد تنظيم جي شرپسندن جو حملو ڪيترائي شاگرد زخمي ٿي پيا انتظاميا، پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارا تماشو ڏسندا رهيا.

ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن جي نمائنده شاگرد تنظيم سنڌي شاگرد سٿ پاران قائم ڪيل اسٽينڊ تي اڪريل شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي بيتن جي بيحرمتي ڪرڻ خلاف اڄ جڏهن سنڌي شاگرد سٿ جا ميمبر احتجاج ڪري رهيا هئا، ته ٻئي شاگرد تنظيم جي شرپسندن سنڌي شاگردن مٿان ڏنڊن پٿرن ۽ هٿيارن سان حملو ڪري ڏنو.

حملي ۾ سٿ جي اڳواڻن، ميمبرن ۽ سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ضلعي اوڀر ڪراچي جي آرگنائيزر عرفان ٻنڀ سميت ڪيترائي سنڌي شاگرد سخت زخمي ٿي پيا آهن.

شاگردن پاران حملي جو زميوار جماعتِ اسلامي جي شاگرد تنظيم کي قرار ڏنو ويو آهي، شاگردن اهو به الزام لڳايو ته جمعيت جي شرپسندن جي حملي دوران پوليس ۽ ٻيا سيڪيورٽي ادارا اتي موجود هئا. پر اهي شاگردن کي تحفظ ڏيڻ بجائي تماشو ڏسندا رهيا.

ٻئي پاسي سنڌ جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن اهڙي عمل جي سختي سان مذمت ڪندي، يونيورسٽي انتظاميا کان شفاف انڪوائري جي گھر ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔