وفاقي حڪومت پاران ڪراچي جي شهرين کي بجلي جو هڪ ٻيو جهٽڪو، في يونٽ بجلي 57 پئسا مهانگي ڪري ڇڏي

نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب حڪومت ڪي اليڪٽرڪ لاءِ في يونٽ بجلي 57 پئسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.

نيپرا موجب ڪراچي جي واهپيدارن کان آگسٽ، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ هر مهيني 57 پئسا في يونٽ واڌ وصول ڪبي، لائف لائن واهپيدارن کانسواءِ ڪراچي جي سڀني واهپيدارن کان اها واڌ وصول ٿيندي.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ کانسواءِ ڊسڪوز جا واهپيدار اڳ ئي اها واڌ ادا ڪري چڪا آهن، فيصلو وفاقي حڪومت طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کانپوءِ لاڳو ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔