ڪابل ۾ آمريڪي ڊرون حملو:القاعده سربراهه ايمن الظواهري مارجي ويو

ڪابل: القاعده جو ليڊر ايمن الظواهري افغانستان ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو، آمريڪي صدر بائيڊن تصديق ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب سي آءِ اي ايمن الظواهري کي آچر ڏينهن ڪابل ۾ ڊرون حملي سان نشانو بڻايو ان ڪارروائي دوران ٻيو ڪوبه شهري نه ماريو ويو

ايمن الظواهري القاعده جي باني ليڊر اسامه بن لادن جي موت کانپوءِ تنظيم جي ڪمان سنڀالي هئي. اسامه بن لادن کي 2001ع ۾ آمريڪا تي جهاز حملن ۾ ملوث قرار ڏنو ويو هو، ان حملن ۾ تقريبن 3 هزار ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ هاڻ القاعده اڳواڻ الظواهري کي ان وقت نشانو بڻايو ويو جڏهن ان حملن ۾ مارجي ويلن جي ايندڙ مهيني ورسي ٿيڻ واري آهي

رپورٽس موجب ايمن الظواهري جي گرفتاري ۾ مدد ڪرڻ تي آمريڪا 25 ملين ڊالرز انعام مقرر ڪيو هو، واضح رهي ته اسامه بن لادن کي ايبٽ آباد ۾ 2011ع ۾ آمريڪي فوجي آپريشن ۾ ماريو ويو هو. هوڏانهن طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد آمريڪي حملي جي تصديق ڪئي ۽ آمريڪي ڪارروائي جي مذمت ڪندي ان کي عالمي اصولن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. وائٽ هائوس جي اختيارين الظواهري جي مارجڻ جي تصديق ڪرڻ کان انڪار ڪيو پر هڪ بيان ۾ چيو ته آمريڪا افغانستان ۾ القاعده جي هڪ اهم هدف خلاف ڪارروائي ڪئي، آپريشن ڪامياب رهيو ۽ ٻيو ڪو به جاني مالي نقصان ناهي ٿيو

هوڏانهن ۾ آمريڪي صدر جو بائيڊن پڻ تصديق ڪندي چيو ته واضح ۽ يقين جوڳن ثبوتن تي حملي جي اجازت ڏني ۽ دهشتگرد کي انجام تائين پهچايو. جوبائيڊن ٻڌايو ته ڳجهن ادارن هلندڙ سال اپريل ۾ نائن اليون حملي جي رٿابندي ۾ شامل ايمن الظواهري جو پتو لڳايو، هر قيمت تي آمريڪا جو دفاع ڪنداسين ۽ پنهنجن دشمنن جو هر هنڌ پيڇو ڪنداسين. آمريڪي صدر چيو ته ايمن الظواهري ويجهڙائي ۾ آمريڪا ۽ اتحادين تي حملي لاءِ ويڊيوز جاري ڪيون، الظواهري جي مارجڻ سان آمريڪين کي انصاف مليو آهي

ان کا اڳ آمريڪي اختيارين القاعدا جي اڳواڻ ايمن الظواهري جي ڪابل ۾ موجودگي کي طالبان سان ٿيل معاهدي جي کلي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. آمريڪي اختيارين موجب ايمن الظواهري پنهنجي ڪٽنب سميت ڪابل جي سيف هائوس ۾ موجود هو، سندس مارجڻ کانپوءِ حقاني نيٽورڪ سندس ڀاتين کي گهر مان ٻاهر ڪڍي ورتو.  آمريڪي اختيارين وڌيڪ چيو ته طالبان دهشتگردن کي پناهه نه ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، ڳجهن ادارن اپريل کان ايمن الظواهري تي نظر رکي هئي ۽ آمريڪي صدر جي اجازت کانپوءِ ايمن الظواهري کي نشانو بڻايو ويو جڏهن ته طالبان کي آمريڪي حملي جي خبر نه هئي

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔