ملير جي علائقي گڏاپ ۾ ٿڌو ڊئم اوور ٽاپ ٿيڻ بعد پاڻي ننڍا وڏا رستا ٻوڙي ڇڏيا

ملير: ملير جي علائقي گڏاپ ۾ ٿڌو ڊئم اوور ٽاپ ٿيڻ بعد پاڻي ننڍا وڏا رستا ٻوڙي ڇڏيا آھن، ڪونڪر ندي، گاجان ڳوٺ ۽ خميسو ڳوٺ سوڌو ٻين ڳوٺن ڏانهن ويندڙ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا

 پاڻي ۾ ڦاٿل ڳوٺاڻن کي اچ وڃ ۾ ڏُکيائيون، صورتحال خراب ٿيڻ باوجود لاڳاپيل عملدار حرڪت ۾ نه آيا آھن،علائقي واسين جو چوڻ آهي ته برساتن بعد ٿڌو ڊئم ۾ پاڻي جو وڏو وهڪرو داخل ٿي ويو آهي

علائقي واسين موجب اسپل ويز ذريعي ڊئم مان پاڻي ڇوڙ نيڪال ڪرڻ به ڏُکيو ٿي ويو، حڪومت کي تڪڙا اپاءَ وٺي ريسڪيو ۽ رليف آپريشن جو مطالبو ڪيو ويو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔