کيرٿر جابلو پٽيءَ تي برسات بعد نئن گاج ۾ پاڻيءَ جو چاڙهه جاري، ڪاڇي ۾ ٻوڏ واري صورتحال

ڪراچي: کيرٿر جابلو پٽيءَ تي برسات بعد نئن گاج ۾ پاڻيءَ جي چاڙهه جاري، نئن گاج 22 فُٽ وهي اچڻ بعد آبپاشي کاتو الرٽ، آر ڊي 50 وٽ پاڻي جي چاڙهه کي منهن ڏيڻ لاءِ ڳري مشينري طلب ڪئي وئي آھي، گاج جي پاڻي ڀرپاسي موجود ڪيترن ئي ڳوٺن کي گهيري ورتو آھي

حاجي خان، ڊرگهه بالا ۽ واهي پانڌي وٽ گاج جو پاڻي اوور ٽاپ ٿيڻ لڳو، پاڻي جي تيز وهڪرن سبب روڊ مختلف هنڌن تان ٽٽي ويو،ڪاڇي ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال باوجود انتظاميا حرڪت نه آئي

 ڪاڇي جو دادو ۽ جوهي شهر سان زميني رابطو ڪاٽا ٿيڻ سبب سوين ڳوٺن ۾ خوراڪ سوڌو ٻيو بُنيادي سامان کٽي ويو آھي، گئسٽرو، بخاري ۽ چمڙي جون بيماريون به وڌڻ لڳيون، برسات ۽ نئيُن جي پاڻي ۾ ڦاٿل ڪاڇي واسين طرفان ترت ريسڪيو ۽ رليف آپريشن شروع ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔