جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاران چيف جسٽس کي خط: ججز مقرري بابت ڪميشن جي اجلاس تي خدشا ظاهر

اسلام آباد :سُپريم ڪورٽ جي جج، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس  کي خط لکي 28 جولاءِ تي ججز مقرري بابت ڪميشن جي اجلاس تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا آھن

 خط ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته موڪل تي ويس ته ڪوبه اجلاس شيڊول نه هو، منهنجي پرڏيهه وڃڻ بعد ڪميشن جا 2 اجلاس ٿيا، 28 جولاءِ تي ٽيون اجلاس به منهنجي غيرموجودگي ۾ ٿيو

خط  جي متن موجب ججز مقرري ۾ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سينيئر ججز کي باءِ پاس ڪرڻ کان اڳ چيف جسٽس جي نامزدگي جو طريقيڪار غور هيٺ آندو وڃي، سُپريم ڪورٽ جو سينيئر ترين جج، ججز جي نامزدگي جو طريقيڪار طئه ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، ججز مقرري جي معاملي تي چيف جسٽس جي تڪڙ تي سواليا نشان آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔