فل ڪورٽ جو قانوني جواز پيش نه ڪيو ويو: چيف جسٽس

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ ۾ ڊپٽي اسپيڪر پنجاب  اسيمبلي جي رولنگ خلاف پرويز الاهي  جي درخواست تي ٻڌڻي جاري آھي،

چيف جسٽس عمر عطابنديال، جسٽس  اعجازالاحسن ۽ جسٽس منيب اختر  تي ٻڌل بئنچ ٻڌڻي ڪري رهي آهي ، عرفان قادر عدالت کي ٻڌايو تھ  قومي سطح تي اسان ان ٻڌڻي جو  بائيڪاٽ ڪيو آهي، فاروق ايڇ نائيڪ موجب اسان نظرثاني جي درخواست داخل ڪنداسين

چيف جسٽس، فاروق ايڇ نائيڪ کي جواب ڏنو تھ اوهان کي اڃا اسان ڌر ئي نه بڻايو آهي

چيف جسٽس چيو تھ اسان جي سامهون فل ڪورٽ جوڙڻ جو قانوني جواز پيش نه ڪيو ويو، عدالت ۾ رڳو پارٽي سربراهه جي هدايت تي عمل ڪرڻ جي حوالي  سان دليل ڏنا ويا، چيف جسٽس چيو تھ اسان اهو فيصلو ڪيو ته موجوده ڪيس ۾ فل ڪورٽ ٺاهڻ جي ضرورت نه آهي:

چيف جسٽس پاڪستان چيو تھ آئين پڙهڻ سان واضح آهي ته هدايت پارلياماني پارٽي کي ڏيڻي آهي، ان سوال جي جواب لاءِ ڪنهن وڌيڪ قانوني دليل جي ضرورت نه آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔