انٽر بينڪ ۾ ڊالر 232 رپين جو ٿي ويو

ڪراچي: انٽر بينڪ ۾ ڊالر وڌيڪ 2 رپيا 62 پئسا مهانگو ٿي ويو ، ڊالر جي قيمت ۾ اضافي ۽ روپئي جي بيقدري جو سلسلو جاري آهي ، انٽر بينڪ ۾ ڊالر وڌيڪ 2 رپيا 62 پئسا مهانگو ٿي ويو . فاريڪس ڊيلرز ايسوسي ايشن موجب انٽر بينڪ ۾ ڊالر نئين تاريخي بلندي 232 رپين جي سطح تائين ٽريڊ ڪري رهيو آهي . گذريل ڏينهن ڊالر 229 رپيا 88 پئسن جي سطح تي بند ٿيو هو ، ٻئي پاسي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي شروعات تي هنڊريڊ انڊيڪس ۾ گهٽتائي جو رححان رهيو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔