فُل ڪورٽ جوڙڻ بابت درخواستون رد ٿيڻ خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد: فُل ڪورٽ جوڙڻ بابت درخواستون رد ٿيڻ خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪرڻ جو اعلان، ڊپٽي اسپيڪر پنجاب جي وڪيل عرفان قادر سُپريم ڪورٽ کي عدالتي ڪارروائي جي بائيڪاٽ کان آگاهه ڪري ڇڏيو آھي

 پرويز الاهي جي درخواست تي بڌڻي دوران عرفان قادر چيو ته منهنجي اصيل هدايت ڪئي آهي ته عدالتي ڪارروائي جو حصو ناهي ٿيڻو، قومي سطح تي عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ هلي رهيو آهي

 فُل ڪورٽ جي قيام بابت درخواستون رد ڪرڻ واري 3 رُڪني بئنچ جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪئي ويندي، فاروق ايڇ نائڪ به ٻڌڻي دوران چيو ته پ پ به عدالت ۾ پيش نه ٿيندي

 چيف جسٽس چيو ته پ پ کي ته ڪيس ۾ ڌرُ ئي نه بڻايو هو، فاروق ايڇ نائڪ صاحب! توهان گذريل ڏينهن عدالت جي سُٺي معاونت ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔