آرمي چيف جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس، سرحدي ۽ داخلي سڪيورٽي جي صورتحال تي غور

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ پاڪ فوج جي ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال خاص ڪري سرحدن ۽ داخلي سيڪورٽي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو .

انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز (آءِ ايس پي آر ) پاران جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ پاڪ فوج جي ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ آرمي چيف ملڪ ۾ جاري ڪامياب دهشتگردي جي خاتمي جي آپريشن جي تعريف ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي عظيم قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو ، ان کان سواءِ آرمي چيف جوانن جي عوام ۽ سرحدن جي حفاظت لاءِ ڪيل قربانين کي به ساراهيو .

آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ سول انتظاميا سان گڏجي ريسڪيو ۽ بحالي آپريشنز جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو .

 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔