سپريم ڪورٽ فل ڪورٽ جوڙڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ فُل ڪورٽ جوڙڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي، فل ڪورٽ جوڙڻ لاءِ داخل سموريون درخواستون ردڪري ڇڌيون

ڊپٽي اسپيڪر پنجاب جِي رولنگ خلاف درخواست تي ٻڌڻي اڄ صبح ساڍي يارهين وڳي تائين ملتوي، فل ڪورٽ بابت فيصلي کان اڳ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته فُل ڪورٽ سيپٽمبر ۾ ٺهِي سگهندِي، ڇا سڀ ڪم روڪي ڇڏيون

 5ججز جِي بينچ ذريعي اسان هڪ وزيراعظم کي گهر ڀيڙو ڪيو، تڏهن اوهان مٺايون ورهايون، اڄ ٻئي پاسي وڃي بيٺا آهيو، هي ڪو منجهيل معاملو ناهي

فُل ڪورٽ سنجيدا ۽ منجهيل معاملن ۾ جوڙي ويندي آهي، وڌيڪ ووٽ کڻندڙ ٻاهر آهي ۽ 179 ووٽن وارو وڏو وزير آهي، حمزا شهباز کي وڏو وزير برقرار رکڻ لاءِ جٽادار بنياد گهربل آهي، ڪيس ۾ هڪ ئي سوال آهي ته پارٽي سربراهه هدايت ڏئي سگهي ٿو يا نه؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔