ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ برسات، ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ پاڻي هيٺ، 3 ڄڻا فوت

ڪراچي: سنڌ ۾ وقفي وقفي سان جاري برسات شهر ۽ ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا، ڪراچي ۾ وقفي وقفي سان برسات دوران نالا اُٿلي پيا، رستن تي پاڻي جمع ٿيڻ سبب ٽرانسپورٽ نه هجڻ برابر آهي

ڊفينس جي مختلف علائقن ۾ برساتي پاڻي گهرن اندر داخل ٿي ويو، جڏهن ته مک روڊ رستن تان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي

گهارو، ميرپور ساڪرو، ڪُنري، شادي لارج، جاتي، ۽ ڪيٽي بندر ۾ گهرن توڙي سرڪاري عمارتن ۾ برساتي پاڻي داخل ٿي ويو

ڏهرڪي، خيرپور، شهدادڪوٽ، قادرپور، سرحد، حيات پتافي ۽ ڀرپاسي رستا توڙي گهٽيون پاڻي هيٺ آهن

ڪشمور، نوشهروفيروز، پڊ عيدن، مٽياري، هالا، ڇاڇرو ۽ ڄام صاحب برسات بعد بجلي توڙي مواصلاتي نظام ڊانواڊول آهي

راڻيپور ۾ برسات دوران گهر جي ڀِت ڪرڻ سبب اڌڙوٽ عورت فيروزان دٻجي فوت ٿي ويا ۽ 2 ٻارڙا زخمي ٿيا آهن

راڌڻ ۾ گهر جي ڀت ڪرڻ سبب پيرسن نور محمد کوسو  دٻجي فوت ٿي ويو، ٽنڊو آدم ۾ برست دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب شاگرد حمزه فوت ٿي ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔