آءِ ڪيپ پاران ڀرپور ۽ پائيدار رپورٽنگ تي سيمينار

ڪراچي:انسٽي ٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽس آف پاڪستان (ICAP) جي اڪائونٽنگ اسٽينڊرڊ بورڊ (ASB) سدرن ريجنل ڪاميٽي جي سهڪار سان جمعي تي (ICAP) هيڊ آفيس ، ڪراچي ۾ ڀرپور ۽ پائيدار رپورٽنگ تي سيمينار ڪوٺايو . سدرن ريجنل ڪاميٽي جي چيئرمين اساما راشد مقررن ، معززن ۽ مهمانن کي آجيان ڪئي . هن (ICAP) جي ميمبرن جي پيشيواراڻي ترقي ۾ (ICAP) جي علائقائي ڪاميٽين جي ڪردار ۽ اهميت تي روشني وڌي .سندس چوڻ هو ته ويجهي ڪجهه سالن ۾ ڀرپور ۽ پائيدار رپورٽنگ عالمي سطح تي خاص اهميت حاصل ڪئي آهي.هن وڌيڪ چيو ته ڪاروباري ادارن بهتر ڪارپوريٽ ساک، واهپيدارن جي اعتبار ۾ اضافي، جدت طرازي ايستائين جو رسڪ مينجمينٽ ۾ بهتري جي صورت ڀرپور ۽ پائيدار رپورٽنگ مان فائدو ورتو آهي.ان موقعي تي چيئرپرسن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ڊاڪٽر شمشاد اختر پنهنجي اهم خطاب ۾ چيو ته پاڪستان ۾ موسمياتي خطرا ڀرپور ۽ پائيدار رپورٽنگ کي اڳتي آندو آهي ، ڪاروباري ادارن کي ترقي ڪرڻي پوندي ، ماحولياتي معيارن کي نافذ ڪرڻو پوندو ۽ گرين فنانشل رپورٽنگ کي وڌائڻو پوندو .پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر لاءِ ڀرپور ۽ پائيدار رپورٽنگ کي اپنائڻ ضروري آهي ڇو ته اهو عالمي ميدان ۾ بقا لاءِ ضروري آهي.پاڪستان پائيدار ترقي جي هدفن ۽ ڪاروبار جي قانون سازي ڪئي آهي ، پوءِ به ڀرپور ۽ پائيدار رپورٽنگ سسٽم لاءِ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان شعبي ۾ ان ڪجهه ڪرڻو آهي .

ايف سي اي چيئرمين اڪائونٽنگ اسٽينڊرڊ بورڊ فرخ رحمان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته چارٽرڊ اڪائونٽس ڪاروباري شعبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ اهي رپورٽنگ، شفافيت ، اخلاقيات ، قانوني تعميل ، اسٽيڪ هولڊرز سان ڳالهه ٻولهه ۽ وسيلن جي درست استعمال ويجهي طور تي شامل آهن. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته مالياتي ۽ ڀرپور رپورٽنگ ٻئي معلومات اڄ جي سيڙپڪارن، ريگيوليٽرز۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز جي ضرورت کي پورو ڪن ٿيون .ان سيمينار ۾ انٽرنيشنل سسٽين ايبلٽي اسٽينڊرڊ بورڊ جي جاري ڪيل  IFRS سسٽين ايبلٽي ڊسڪلوزر اسٽينڊرڊ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي .

هن سيمينار ۾ شرڪت ڪرڻ تي شريڪ ٿيلن،مقررن ، پينلسٽس ، پاڪستان بزنس ڪائونسل ۽ يوني ليور پاڪستان جي نمائندن ۽ ISSB ٽيم جا ٿورا مڃيا .تقريرون ڪندڙن ISSB جي جاري ڪيل ڀرپور ۽ پائيدار رپورٽنگ جي معيارن بابت پريزنٽيشن پيش ڪئي . هنن وضاحت ڪئي ته ISSB جو قيام سيڙپڪارن بابت پائيداري جي معيارن ڏانهن سفر ۾ اهم سنگ ميل آهي .ٽيم ماڻهن جي سوالن جا جواب به ڏنا . پينل ڊسڪشن ۾ موجوده ESG رپورٽنگ لينڊ اسڪيپ، ISSB جي تجويزن جو عملي اطلاق ۽ ڀرپور ۽ پايئدار رپورٽنگ ۾ اڪائونٽس جي ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي .

ان سيمينار ذريعي شرڪت ڪندڙ صنعت جي اهم ماهرن ۽ ڪاروباري ۽ پيشيور ماڻهن کي پختي ۽ پائيدار رپورٽنگ جي معيارن تي ISSB جي جاري ڪيل مسودي تي ڳالهه ٻوله ، بحث ڪرڻ ۽ عملي حل ڳولهڻ لاءِ عمده پليٽ فارم ميسر آيو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔