حمزه شهباز سومر تائين ٽرسٽي وڏي وزير طور ڪم ڪندو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ حمزه شهباز جو پهرين جولاءِ وارو اسٽيٽس بحال ڪندي کيس ٻيهر عبوري وڏو وزير بڻائي ڇڏيو آهي

چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال پنجاب جي وڏي وزير جي مامري تي پرويز الاهي جي درخواست تي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ٻڌڻي ڪئي

چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطابنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ چوڌري پرويز الاهي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي

ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته ڊپٽي اسپيڪر کي ذاتي طور تي ٻڌڻ چاهيون ٿا، هو پاڻ سان گڏ اليڪشن جو سمورو رڪارڊ به کڻي اچي

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته پريشان نه ٿيو هي رڳو هڪ قانوني سوال آهي، هي مامرو تشريح کان وڌيڪ سمجهڻ جهڙو آهي، جنهن کي سمجهڻو پوندو

عدالت ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري کي طلب ڪندي پنجاب جي وڏي وزير حمزه شهباز کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

سُپريم ڪورٽ حمزه شهباز جو وڏي وزير طور پهرين جولاءِ وارو اسٽيٽس بحال ڪندي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ريمارڪس ڏنا ته سومر تي تائين حمزه شهباز ٽرسٽي وڏي وزير طور ڪم ڪندو ، سندس مقررين ۽ بدلين تي چيڪ رکنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔