پنجاب جي وڏ وزارت جو دنگل هڪ ڀيرو ٻيهر حمزه شهباز کٽي ورتو

لاهور: حمزه شهباز هڪ ڀيرو ٻيهر پنجاب جو وڏو وزير چونڊجي ويو، وڏي وزير جي چونڊ دوران پي ٽي آءِ اميدوار چوڌري پرويز الاهي جي حمايت ۾ 186 ۽ نون ليگ جي اميدوار حمزه شهباز جي حمايت 179 ووٽ پيا

ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري چوڌري شجاعت جو خط ڏيکاريندي قاف ليگ جا ڪاسٽ ڪيل 10 ئي ووٽ رد ڪري ڇڏيا، حمزه شهباز 3 ووٽن جي اڪثريت سان وڏو وزير قرار، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پارٽي سربراهه طور چوڌري شجاعت قاف ليگ جي ميمبرز کي هدايت ڪئي ته هو ووٽ ڪاسٽ نه ڪن

پارٽي سربراهه جي حڪمن جي ڀڃڪڙي سبب قاف ليگ جا سمورا ووٽ رد ڪجن ٿا، ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ تي اپوزيشن جي ميمبرز پاران احتجاج ڪيو ويو، قاف ليگ جي اڳواڻ راجا بشارت پاران ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔