موسميات کاتي چوماسي جي سگهاري اسپيل بابت اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي: موسميات کاتي 23 کان 26 جولاءِ دوران چوماسي جو سگهارو اسپيل وسڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

چيف مسٽرولوجسٽ سردار سرفراز احمد موجب چوماسي جي هوائن جو طاقتور سلسلو اڄ رات سنڌ ۾ داخل ٿيندو جنهن تحت 23 کان 26 جولاءِ تائين سنڌ ۾ تيز ۽ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته سنڌ جي مٿانهن علائقن ۾ 27 جولاءِ تائين برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ 24 کان 26 جولاءِ دوران تيز برسات جو امڪان آهي جنهن دوران شهر ۾ 100 ملي ميٽر يا ان کان وڌيڪ برسات ٿي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔