اسٽيبلشمينٽ نرم مداخلت ڪندي: حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ گرينڊ ڳالهين جو امڪان

حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي نرم مداخلت ذريعي جلد ڳالهيون شروع ٿيڻ ۽ آڪٽوبر ۾ ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي

17جولاءِ تي ٿيل پنجاب جي ننڍي چونڊ بعد ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام تمام گهرو ٿي ويو آهي، جنهن جا ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن

ذريعن جو چوڻ آهي ته موجوده سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام کي نظر ۾ رکندي اسٽيبلشمينٽ ماضي جيان سياستدانن کي ڳالهين جي ٽيبل تي آڻڻ لاءِ راضي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

ذريعن موجب حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ اسٽيبلشمينٽ کي غير مشروط مداخلت کانپوءِ ڌرين وچ ۾ جلد ڳالهيون شروع ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ آڪٽوبر ۾ عام چونڊون ٿيڻ جو امڪان واضح ٿي ويا آهن

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته 25 مئي تي عمران خان جي اسلام آباد مارچ دوران به اسٽيبلشمينٽ سياستدانن کي ڳالهين لاءِ راضي ڪيو هو، پر بدقسمتي سان اُن وقت مثبت ڳالهيون نه ٿي سگهيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔