عدالت  حمزه شھباز کي عھدي تان ھٽائڻ جو حڪم ناھي ڏنو: عطا تارڙ

لاھور: نواز ليگ اڳواڻ ۽ پنجاب حڪومت جي ترجمان عطا تارڙ چيو آھي تھ لاھور ھاءِ ڪورٽ حمزه شھباز جي چونڊ ڪالعدم قرار ناھي ڏني ۽ نھ وري کيس عھدي تان ھٽائڻ جو حڪم ڏنو آھي

لاھور ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ عطا تارڙ صحافين سان ڳالھائيندي چيو تھ سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي بابت تشريح ۾ چيو آھي تھ پارٽي ھدايت خلاف ووٽ شمار نھ ٿيندو، عدالت چونڊ ڪالعدم قرار ناھي ڏني

ھن چيو تھ پنجاب اسيمبلي ۾ اسان جي ميمبرز جو انگ 177 آھي ۽ 9 ووٽن جي برتري آھي، 25 ميمبر ڪڍي ڇڏيو تھ پوءِ بھ اسان جي ميمبرز جو انگ 177 آھي، اميد آھي تھ اِھا اليڪشن بھ کٽي وينداسين، چونڊ ٿيڻ تائين حمزه شھباز وڏو وزير رھندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔