اسلام ڪوٽ ۾ پرزائيڊنگ آفيسر کي چماٽ هڻندڙ اسسٽنٽ اڪائونٽ آفيسر غلام محمد جوڻيجو معطل

اسلام ڪوٽ ۾ مڪاني چونڊن دوران پرزائيڊنگ آفيسر کي چماٽ هڻندڙ وڏيري ۽ صحت کاتي جي ملازم خلاف ايڪشن ٿيو آهي

صحت کاتي اسسٽنٽ اڪائونٽ آفيسر غلام محمد جوڻيجو کي معطل ڪري ڇڏيو، جوابدار جو سسپينشن آرڊر پڻ جاري ڪيو ويو آهي

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار غلام محمد جوڻيجو کي معطلي دوران پگهار ۽ الائونس نه ملندا

ذريعن موجب وڏيرو غلام محمد پهرين به مختلف ڏوهن ۾ معطل ٿيندو رهيو، بااثر هجڻ ڪري ڪجهه عرصي بعد کيس بحال ڪيو ويو

متاثر پرزائيڊنگ آفيسر ڊاڪٽر گهنشام بجير جي فرياد تي جوابدار وڏيري خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ ڊيوٽي اٽڪاءُ، هنگامي ۽ تشدد جا قلم شامل ڪيا وي اآهن

 ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس وڏيري کي پڪڙ ۾ نه آندو، ٿرپارڪر جي ڊاڪٽرز ۽ سڄاڻ ڌُرين ۾ تاءُ پکڙيل آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔