انگور اڊه زلول خيل ۾ افغان اشتعال انگيزي، پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي، ڪيتريون ئي افغان پوسٽون تباهه

راولپنڊي:  ڏکڻ وزيرستان جي علائقي زلول خيل انگور اڊه ۾ افغان طالبان جي فائرنگ، پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي، ڪيترين ئي افغان پوسٽن کي تباهه ڪري ڇڏيو. افغان طالبان طرفان سول آبادي کي نشانو بنائڻ تي پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ ڪيترين ئي افغان پوسٽن کي تباهه ڪيو ويو.

سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج جي بروقت ۽ چوڪس ڪارروائي سبب فتنه الخوارج جي دراندازي جون سموريون ڪوششون ناڪام بڻايون ويون فتنه الخوارج جي دراندازي ۾ ناڪامي کان پوءِ افغان طالبان سول آبادي کي نشانو بڻايو ويو، فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت ٽي شهري زخمي ٿي پيا،  زخمين کي فوري طور وانا اسپتال منتقل ڪيو ويو آپريشن غضب الحق جي مؤثر ڪارروائين کان پوءِ افغان طالبان شڪست جي بوکهلاھٽ ۾ سول آبادي کي نشانو بڻائڻ لڳا، علائقي جي رهواسين افغان طالبان جي فائرنگ واري واقعي جي سخت مذمت ڪندي پاڪ فوج کان جوابي ڪارروائي جو مطالبو ڪيو

 

تبصرے بند ہیں۔