وفاقي راڄڌاني اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا، شهرين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو

اسلام آباد:  وفاقي راڄڌاني اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

رپورٽ موجب اسلام آباد ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن سبب شهرين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو، ماڻهو گهرن ۽ آفيسن کان ٻاهر نڪري آيا. وفاقي راڄڌاني کان علاوه خيبرپختونخواهه جي ضلعن مردان، شانگله، بونير ۽ سوات ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن سبب شهرين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو، انهي کان علاوه مري جي علائقي نتهيا گلي ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

شروعاتي ڄاڻ موجب زلزلي جا لوڏا ڪجهه سيڪنڊن تائين محسوس ٿيندا رهيا پر فوري طور تي ڪنهن به وڏي جاني يا مالي نقصان جي اطلاع سامهون ناهي آئي. زلزلي جي پيمائش ڪندڙ مرڪز موجب 27 اپريل 2026 تي صبح جو 11 لڳي 46 منٽن تي ايندڙ زلزلي جي شدت 5.7 رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن جي گهرائي تقريبن 170 ڪلو ميٽر هئي.

زلزلي جو مرڪز افغانستان، تاجڪستان سرحدي علائقي ۾ واقع هو، جڏهن ته انهي جا لوڏا اسلام آباد، سوات، شانگله ۽ بونير ۾ به محسوس ڪيا ويا. موسميات کاتي پاڪستان موجب زلزلو گهرائي ۾ هجڻ سبب انهي جا اثر وڌيڪ علائقن ۾ محسوس ٿيا، پر انهي نوعيت جا زلزلا  گهٽ نقصان جو سبب بڻجندا آهن. شهرين ۾ وقتي خوف حراس ضرور پکڙيو، پر فوري طور تي ڪنهن وڏي جاني يا مالي نقصان جي اطلاع سامهون ناهي آئي.

تبصرے بند ہیں۔