وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل جو جنگ جي خاتمي ۾ ڪردار تعريف جوڳو آهي: ايراني سفير

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ايراني سفير رضا اميري مقدم وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل جو جنگ جي خاتمي ۾ ڪردار کي تعريف جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو.

ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جي پاڪستان جي  دوري تي اسلام آباد ۾ ايراني سفير رضا اميري مقدم حڪومت پاڪستان، پاڪ فوج ۽ عوام جو ٿورو ادا ڪيو آهي.

ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ ايراني سفير وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي اڳواڻي ۾  امن ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل جو جنگ جي خاتمي ۾ ڪردار تعريف جوڳو آهي. ايراني وفد جو دورو مڪمل سيڪيورٽي، موثر منصوبه بندي ۽ بهترين انتظامن ۾ ٿيو، پاڪستاني ادارن جي ڪارڪردگي تعريف جوڳي آهي.

ايراني سفير پاڪ فوج، سيڪيورٽي فورسز، پوليس ۽ سرڪاري ادارن جي عملي جو خاص طور تي  ٿورو ادا ڪيو ۽ اسلام آباد جي عوام جي مهمان نوازي، صبر ۽ تعاون کي خراج تحسين پيش ڪيو. ايراني سفير پاڪستان کي ڀائرن جهڙي دوست ۽ پاڙيسري ملڪ قرار ڏيندي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو ارادو ظاهر ڪيو.

 

تبصرے بند ہیں۔