وڏين صنعتن تي سُپر ٽئڪس لڳائڻ جي اعلان بعد اسٽاڪ مارڪيٽ ويهجي وئي

ڪراچي: وڏين صنعتن تي سُپر ٽئڪس لڳائڻ جي اعلان بعد اسٽاڪ مارڪيٽ ويهجي وئي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج شديد ٻاڙائي جو شڪار، هنڊريڊ انڊيڪس 2 هزار پوائنٽس تي ڪِري پئِي

ٻئي پاسي ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ کي سهيڙيندي چيو آهي ته ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچائڻ لاءِ ڪا  ته قيمت ادا ڪرڻي پوندي، اسان سڀني کي پنهنجو حصو وجهي ملڪ بچائڻو آهي، وڏين صنعتن کان هڪ دفعو سُپر ٽئڪس اوڳاڙيو ويندو

 ننڍن واپارين کان فڪس ٽئڪس اوڳاڙيو ويندو خرچ نه، پر آمدني تي ٽئڪس لڳايو ويندو، وزيراعظم جي پُٽن جي ڪمپنيز تي به ٽئڪس وڌايو اٿئون، واعدو ڪريان ٿو ته ايندڙ سال 200 ارب رُپيا جمع ڪنداسين، اسان مجبوريءَ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ ڪئي، عوام جا ٿورائتا آهيون جو عمران خان جي ورغلائڻ باوجود ٻاهر نه نڪتو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔