وزيراعظم پاران وڏي صنعتن تي 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف پاران ملڪ جي وڏين صنعتن تي 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيل معاشي ٽيم جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته  بجيٽ بابت اسان اهم فيصلا ڪيا جن جو بنيادي مقصد عوام کي ڏکيائين مان ٻاهر ڪڍڻو آهي . هن چيو ته معيشت جو ڏيوالو نڪري رهيو هو جنهن مان هاڻي ملڪ ٻاهر نڪري رهيو آهي .بجيٽ ۾ ڪيل اعلانن موجب آءِ ايم ايف شرطون مڃي ورتيون آهن ، اميد آهي ته ڏکيائين مان نڪري اينداسين . هن چيو ته مهانگائي ختم ڪرڻ لاءِ سر جي بازي لڳائي ڇڏيندس پر سبز باغ نه ڏيکاريندس، سرندي واري غريبن جي مدد ڪن . وزيراعظم شهباز شريف چيو ته وڏين صنعتن تي 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس (غربت گهٽائڻ وارو ٽيڪس ) لڳائي رهيا آهيون ، انهن صنعتن ۾ سيمينٽ، کنڊ، تيل ، گيس ، يوريا، ايل اين جي ٽرمينل ، ٽيڪسٽائيل ، بينڪنگ ، آٽو موبائيل ، سگريٽ ، اسٽيل شامل آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔