سنڌ ھاءِ ڪورٽ پاران مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد

ڪراچي : سنڌهاءِڪورٽ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آھي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو چوڻ آھي تھ مڪاني چونڊون شيڊول موجب ٿينديون

سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ بلدياتي اليڪشن روڪڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪاني چونڊون  ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد  ڪري ڇڏي آھي

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو تھ سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن لاءِ 50ڪروڙ  رپيا خرچ ڪيا آهن، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل دليل ڏنا تھ سڄي سنڌ مان رڳو 2سيڪڙو تڪ  بندين خلاف اعتراض سامهون آيا آهن:

سنڌ حڪومت جي وڪيل دليل  ڏنا تھ عدالت جيڪو به فيصلو ڪندي ان تي عمل ڪرايو ويندو، عدالت اليڪشن روڪڻ جي درخواست رد ڪندي  چيو تھ مڪاني چونڊون شيڊول موجب ٿينديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔