پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس ڪيسز جي هاڪاري شرح ۾ وري اضافو

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس ڪيسز جي هاڪاري شرح ۾ وري اضافو ٿيڻ لڳو . صحت واري قومي اداري ڪرونا بابت انگ اکر جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي هاڪاري ڪيسز جي شرح 1.53 رهي .

گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 171 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته 24ڪلاڪن دوران ڪورونا جون 11 هزار 212 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن.

صحت واري قومي اداري جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا هاڪاري سان ڪو به ماڻهو فوت نه ٿيو آهي جڏهن ته ڪورونا جي داخل ٿيل مريضن مان 57 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔