ملڪ جي مختلف حصن ۾ اربعا تائين طوفاني برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي: اين ڊي ايم ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اربعا تائين طوفاني برساتن جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي اين ڊي ايم موجب  ملڪ جي مختلف حصن ۾ اربعا تائين طوفاني برساتن جو امڪان آهي ، طوفاني برساتن سبب لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي .

تيز برساتن سبب خيبرپختونخواه، گليات، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي . ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ندي نالين ۽ دريائن ۾ چاڙهه سبب هيٺاهين علائقن جي ٻڏڻ جو خطرو آهي.

موسميات کاتي موجب 21 جون کان ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي ، جنهن سبب شهري علائقن ۾ اربن فلڊ جو خطرو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔