والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي فائرنگ ، نوجوان شهيد

سري نگر: ڪشمير ميڊيا سروس موجب والاريل ڀارتي فوجين پلواما جي علائقي ۾ گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان شهيد ٿي ويو. ڀارتي فورسز علائقي جو گهيرو ڪري ورتو. گهرن ۾ گهڙي عورتن سان بدتميزي ڪئي ۽ ٻارن کي هراسان ڪيو .

والاريل ڀارتي فوجين نام نهاد آپريشن دوران ڪيترن ئي گهرن کي به نقصان پهچايو . پلواما ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪئي وئي آهي ۽ گهيرو به جاري آهي .

ڀارت جي دهشتگرد فورسز گذريل 24ڪلاڪن دوران 7 ڪشميري نوجوانن کي جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪري چڪي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔