اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي

ڪراچي: اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي، ذريعن موجب ڊاڪٽرز موجب اڳوڻي صدر کي ڳالهائڻ دوران سهڪو وڌي وڃي ٿو، ڊاڪٽرز کيس سفر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آھي

 اڳوڻي آمر جي ترجمان طارق عزيز جو چوڻ آهي ته پرويز مشرف پاڪستان واپس اچڻ چاهي ٿو پر ڊاڪٽرز کيس سفر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي

 ذريعن موجب متحده عرب امارات جي سرڪار پرويز مشرف کي پاڪستان منتقل ڪرڻ لاءِ سمورين طبي سهولتن سان ليس هڪ جهاز ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، ڊاڪٽرز جي هدايتن بعد مشرف جي وطن واپسيءَ بابت فيصلو ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔