آڪٽوبر ۾ پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان نڪري ويندو: وزير اعظم

اسلام آباد: وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته آرمي چيف طرفان قائم ٿيل ڪور سيل گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ ڪاميابين ۾ مُکيه ڪردار ادا ڪيو آهي

وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ راهه هموار ٿيڻ تي عوام کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته آڪٽوبر ۾ پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان نڪري ويندو، اُن لاءِ ڪوشش ڪندڙ سول ۽ ملٽري ٽيم کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا

شهباز شريف چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو کي به واڌايون ڏيون ٿا جو سندس قيادت ۾ ٽيم کي اهم ڪاميابي ملي، قوم کي مايوسي ۽ بدترين معاشي حالتن مان ڪڍي خوشحالي آڻڻ لاءِ ڪوشش جاري رکي ويندي

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔