ڊيرن سيمي کي ستاره پاڪستان سان نوازيو ويو

ڪراچي: ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي ڪپتان ڊيرن سيمي کي پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي بحالي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي ستاره پاڪستان سان نوازيو ويو آهي. 27 مئي تي ڊيرن سيمي طرفان سوشل ميڊيا تي هڪ مختصر وڊيو پوسٽ ڪئي وئي جنهن ۾ کيس شلوار قميص ۾ گهر کان ٻاهر نڪرندي ڏسي سگهجي ٿو

هُن مختصر وڊيو جي ڪيپشن ۾ ڊيرن سيمي لکيو ته اندازو لڳايو اڄ مان ڇا حاصل ڪرڻ وارو آهيان. بعد ۾ هن ٽوئٽر تي هڪ ٻي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ کيس ستاره پاڪستان سان نوازيو پيو وڃي. ڊيرن سيمي کي اهو پنهنجي وطن سينٽ لوشيا ۾ ڏنو ويو

ڊيرن سيمي لکيو ته ها اهو مان آهيان جنهن کي ستاره پاڪستان سان نوازيو پيو وڃي، منهنجي لاءِ تمام فخر جي ڳالهه آهي. ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي ڪپتان جي پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ ڪيل خدمتن کي ڪرڪيٽ مداحن طرفان به ساراهيو پيو وڃي ۽ ايوارڊ ملڻ تي کيس مبارڪ ڏني پئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔