ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 7 هزار ميگاواٽ کان به وڌي وڃڻ جي تصديق

ڪراچي: ملڪ ۾ توانائي جو بحران سنگين ٿي ويو، بجلي جو شارٽ فال 7 هزار ميگاواٽ کان به وڌي وڃڻ جي تصديق، پاور ڊويزن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي کپت 28 هزار 200 ميگاواٽ ۽ رسد 21 هزار 200 ميگاواٽ آهي

ذريعن موجب گئس ۽ ڪوئلي جي کوٽ ڄاڻائي ڪيترائي پلانٽس بند پيل، سنڌ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي جي بندش ماڻهن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو، شهرن ۾ 10 ۽ ٻهراڙي ۾ 18 ڪلاڪن تائين اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ پڻ جاري آھي

بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ سبب پريشان شھرين دانھون ڪندي چيو آھي تھ جيئن گرمي وڌي آھي تھ جيئن بجلي جي لوڊشيڊنگ جو آزار وڌي ويو آھي، مھانگائي سبب اڳ ئي پريشان آھيون، بجلي تي ھلندڙ شيون بند پيون آھن، ڪاروبار تباھ ٿي ويو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔