اليڪشن ڪميشن نومبر ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن آڪٽوبر جي ختم ٿيڻ يا نومبر جي شروعات ۾ عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي جنهن جي لاءِ 2017 جي آدمشماري موجب سموري ملڪ ۾ تڪ بنديون ڪيون پيون وڃن ۽ تڪ بنديون ڪميٽيون شروعاتي تڪبندين کي 24 مئي تائين مڪمل ڪري وٺنديون.
ذريعن ٻڌايو آهي ته 28 مئي تي شروعاتي تڪ بندين جي اشاعت ڪئي ويندي. شروعاتي تڪبندين تي اعتراض 29 مئي کان 28 جون تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا. جڏهن ته 3 آگسٽ تي سموري ملڪ ۾ تڪبندين جي ڪم جي تڪميل ۽ حتمي اشاعت ٿيندي. ذريعن ٻڌايو آهي ته اليڪشن ڪميشن غير حتمي چونڊ فهرست جي اشاعت لاءِ ڊسپلي سينٽر قائم ڪري ڇڏيا آهن جيڪي 21 مئي کان وٺي 18 مئي تائين کليل رهندا.
ذريعن موجب نئين آدمشماري ٿيڻ تي اليڪشن ڪميشن 2023 جي آڪٽوبر، نومبر ۾ عام چونڊون ڪرائي سگهندو جنهن سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن ستين آدمشماري جي حتمي نتيجي بابت شماريات کاتي ڏانهن خط اماڻي ڇڏيو آهي.
اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ستين آدمشماري جو نتيجو فيبروري 23 جي بجاءِ 31 ڊسمبر 2022ع تي شايع ڪيو ويندو. نئين آدمشماري جي اعلان کان پوءِ اليڪشن ڪميشن کي تازين تڪبندين جي لاءِ 4 مهينا گهرجن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔